بگو دڙو

بگو دڙو: هن نالي سان لاڙڪاڻي ۽ نوشهري فيروز ضلعن ۾ جدا جدا ٻه ديهون موجود آهن: ضلعي ۽ تعلقي شهدادڪوٽ ۾ هڪ ديهه جو نالو، جنهن ۾ ’خير محمد مستوئي‘ ڳوٺ شامل آهي. تعلقي موري ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ ٽي وڏا ڳوٺ شامل آهن. پهريون ڳوٺ ’بگو دڙو‘؛ جنهن ۾ مير جت، ڀُٽا، جويا، خاصخيلي، سومرا، سيٺر ۽ راڄپر رهندڙ آهن. ٻيو وڏو ڳوٺ ’فقير رسول بخش ڳاهي‘، جتي ڳاها، سيٺر ۽ ڀُٽا رهن ٿا. هي ڳوٺ ڪلهوڙن جي دور جو آهي. ٽيون ڳوٺ ’دين محمد راڄپر‘ آهي، جيڪو ڪافي آڳاٽو آهي .


لفظ بگو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو